راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سر??روغه ۾ ڪارروائي ڪندي 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پ?? آر مان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سر??روغه ۾ ڪارروائي ڪندي 13 خوارجين کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل خوارجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ معصوم شهرين خلاف دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ مل??ث هئ??. آ??ِ ايس پ?? آر موجب علائقي ۾ ڪنهن به خوارجي جي موجودگيءَ ل??ءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي.