قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم م??مد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره مصر ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. عرب جمهوريه مصر جي هوابازي واري وزير سامح احمد الخنفي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۽ وچ ا??ڀر ۾ اسرائيلي ??ارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ص??رت??ال تي غور فڪر جي حوالي ??ان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪيو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سربراهن سان ملاقات پڻ ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل هئا.