ڪراچي-02 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ، سن?? پبلڪ سروس ڪميشن جي اپيل تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن اهم فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو. سنڌ انفارميشن کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سن?? پبلڪ سروس ڪميشن پاران ناڪام اميد??ار?? جا زباني انٽرويو وٺڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي وئي ھئي جنهن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. سن?? پبلڪ سروس ڪميشن جي وڪيل حافظ احسان کوکر ٻڌايو ته 2021ع ۾ ڪميشن پاران گڏيل مقابلي ??ار?? امتحان ۾ 22,877 اميد??ار?? شرڪت ڪئي، جن مان 186 اميدوار لکت ??ار?? امتحان ۾ ڪامياب ٿيا. انهن اميد??ار?? جا زباني امتحان ورتا ويا، پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪجهه ناڪام اميد??ار?? جي درخواستن تي 11 ناڪام اميد??ار?? کان به زباني امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو. هن دليل ڏنو ته قانون موجب ڪنهن به اميدوار جا نمبر لکت امتحان کانپوءِ وڌائي نه ٿا سگهجن، ۽ جيڪڏهن هر ناڪام اميدوار کي زباني انٽرويو لاءِ موقعو ڏنو ويندو ت?? ڪميشن جي ميرٽ ۽ شفافيت تي سوال اٿندا. حافظ احسان کوکر وڌيڪ دليل ڏنو ته عدالت پاران اختيارن جو غير ضروري استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سان نه رڳو ڪميشن جي ساک متاثر ٿي رهي آهي پر ڪامياب اميد??ار?? جو مستقبل به خطري ۾ پئجي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهيو ت?? ڪميشن جو سمورو نظام ابتري جو شڪار ٿي ويندو. جنهن تي سپريم ڪورٽ دليلن جي بنياد تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ٻنهي فيصلن کي معطل ڪري ڇڏيو.