اسلام آب??د – 19 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي سي??سي مشاورت جو ٽيون دور اسلام آب??د ۾ ٿيو، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغ??نس??ان ۽ اولهه ايشيا) احمد نسيم وڙائچ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جڏهن ته قزاخستان پاران نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ بڪائيف قيادت ڪئ??. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جو جامع جائزو ورتو جنهن ۾ سي??سي لاڳاپن، بين الپارلياماني مٽاسٽا، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، رابطن، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪشن، ثقافت ۽ سياحت شامل آهن. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سياحت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بشمول يوڪرين، افغ??نس??ان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي.