چنگ ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وف??قي وزير سردار اويس احمد خان ل??اري چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب عباس علي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. پاور ??ويزن مان جاري بيان موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وف??قي وزير اويس احمد خان ل??اري توانائي جي رٿائن جي اهميت تي زور ??ريندي چيو ته انهن سان رابطن ۽ واپار کي هٿ?? ملندي. ڌُرين خاص طور تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اويس لغاري چيو ته ٻنه?? ملڪن وچ ۾ بجلي گهرن جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائ?? ملڪن وچ ۾ توانائي جي بهتر رابطن جي ضرورت تي ڳالهائيندي ٻنهي وزيرن باقاعده رابطن ۽ اثرائتي ڪميونيڪيشن جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي گهرن جو اثرائتو انتظام، ت??انائيءَ جي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ خطي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.