بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائونگ چيو آهي ته چيني وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو چين ۽ پاڪستان جي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو هڪ اهم مثال آهي جنهن جو م??صد ٻنهي ملڪن جي مفاد?? کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ جو تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جو عڪاس آهي ۽ اهو 11 سالن کانپوءِ چين جي وزيراعظم جو پهريون دورو هو، دوري دوران لي چيانگ پاڪستاني حڪومت، پارليامينٽ ۽ عسڪري قيادت سان وسيع پئماني تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي جنهن جو م??صد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ موجب ان دوري جا ٽي اهم مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جن ۾ هڪ سال جي اندر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف سطحن تي حڪومتي رابطن ۽ مٽاسٽا ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان گڏيل لاڳاپ?? کي سگهه ملي آهي. ملاقاتن دوران ٻنهي ملڪن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپ?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، عسڪري قيادت سان ٿيندڙ ڳا??هه ٻو??هه سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبي ۾ وڌيڪ ويجهي تعاون جي امڪان?? کي وڌايو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ”هر دور جي دوستي“ هڪ منفرد ۽ مضبوط تعلق جي عڪاس آهي جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، انهن لاڳاپن جو بنياد گڏيل اعتماد، احترام ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم لي چيانگ جي پاڪستان جي دوري جو م??صد به انهي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۽ وسعت ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان پنهنجي تازي اعليٰ سطحي رابطن دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ” هر دور جي دوستي“ کي نئين توانائي ۽ قوت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي اسٽريٽجڪ رهنمائي ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ۽ انهن لاڳاپ?? کي اعليٰ سطح تي فروغ ڏنو پيو وڃي. چين پاڪستان سان لاڳاپ?? کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ اهم ترجيح جي طور تي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته پاڪستان چين سان لاڳاپ?? کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ قرار ڏنو جيڪي پاڪستاني معاشري جي سمورن طبقن ۾و سيع پئماني تي تسليم ٿيل آهي. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جيڪو سي پيڪ تح?? ٿيندڙ اهم ترقياتي اڳڀرائي جي علامت آهي، اهو ايئرپورٽ نه رڳو خطي ۾ بنيادي ڍانچي جي بهتري جو مظهر آهي پر ٻطرفي تعاون جي ڪاميابين جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازي دهشتگردي جي واقعن جي نتيجي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي ڏوهاري?? کي پڪڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان خاطري ڪرائي ته ملڪ ۾ موجود چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي مڪمل حفاظت جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي قدم?? کي تيز ڪيو ويندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون جي ماحول کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر حفاظتي قدم کڻي، ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي خلاف پنهنجي زيرو ٽالرنس جي موقف جي تصديق ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. هن چيو ته پاڪستان چيني شهرين ۽ منصوبن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي قدم?? کي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن ۾ سيڪيورٽي تي سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ حفاظتي قدم شامل آهن. چين به پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت?? کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مدد جي آڇ ڪئي ته جيئن ملڪ ۾ ٻطرفي تعاون جي لاءِ هڪ محفوظ ماحول کي برقرار رکي سگهجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ان تعاون جو م??صد نه رڳو گڏيل تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي پر علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي سطح تي حمايت پڻ حاصل ڪرڻ آهي.