اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز جي مسئلي کي ??وش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻٽر آهن، مستقبل جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهتر منصوبا بندي ڪري رهيا آهيون. گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنا??اج?? ۾ تقريب کي ??طاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جو شعبو معيشت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??ي ٿو، ان لاءِ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا ڪ??ي رهيا آهيون. هن چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ جديد ٽيڪنا??اج?? کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام کي وقت جي ضرورت سمجهندي جديد رُخن تي آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ 17 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي. لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوريز ۾ بهتريءَ لاءِ وڌيڪ فعال حڪمت عملي اپنائڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان حوالي سان به سڌارا ڪ??ي رهيا آهن. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي بنيادي سببن ۾ بهتر منصوبا بنديءَ جو فقدان، گردشي قرضن جو بار ۽ صارفين تي بلند وياج جي شرح آهي.