اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اس??اق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران احتجاج لاءِ وقت جي چونڊ مذمت جوڳي آهي، ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جا??ي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اهو قدم عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ ملڪ جي پرڏيهي وزير کي احتجاج ۾ ش??ڪت جي دعوت ملڪي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي احتجاج جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي، پي ٽي آءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اس??ن کي اتحاد ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري اڳتي وڌڻو آهي.