اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ اي اي اي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور پاڪستان جي چونڊ ائٽمي توانائي جي پرامن ??ستعمال کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ عالمي اداري جي پاليسين ۽ پروگرامن ??ي جوڙجڪ ۾ ان جي مثبت ڪردار کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي مقصدن سان پاڪستان جي پراڻي وابستگي جو اعتراف ??هي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ چئي وئي. بيان موجب پاڪستان کي ٻن سالن جي مدي 2024ع کان 2026ع تائين انٽرنيشنل ا??امڪ انرجي ايجنسي (اي اي اي اي) جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر چونڊيو ويو آهي، ويانا ۾ آءِ اي اي اي جي جنرل ڪانفرنس جي 68 هين اجلاس ۾ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي خطن سان پاڪستان کي هلندڙ مهيني شروع کان شروع ٿيندڙ مدي جي لاءِ اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو ??هي. اهو آءِ اي اي جي بورڊ آف گورنرز تي پاڪستان جو 21 هون مدو ??هي. پاڪستان جي چونڊ ائٽمي توانائي جي پرامن ??ستعمال کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ آءِ اي اي جي پاليسين ۽ پروگرامن ??ي جوڙجڪ ۾ ان جي مثبت ڪردار کي فروغ ڏيڻ ۽ آءِ اي اي اي جي مقصدن جي لاءِ ان جي پراڻي وابستگي جو اعتراف ??هي. پاڪستان انٽرنيشنل ا??امڪ انرجي ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ هن ايجنسي سان ائٽمي توانائي جي پرامن ??ستعمال تي پراڻي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتو تعاون ڪيو ??هي. پاڪستان انٽرنيشنل ا??امڪ انرجي ايجنسي جي ريز آف هوپ قدم تحت سينٽر فار ڪينسر ڪيئر کانسواءِ خوراڪ ۽ زراعت، نيوڪليئر سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي، واٽر ريسورس مئنيجمينٽ ۽ جديد نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ايپلي ڪيشنز جي شعبن ۾ چار مرڪز هلائي ٿو. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ۾ 3530 ميگاواٽ صاف توانائي جي صلاحيت سان 6 آپريٽنگ نيوڪليئر پاور ??لا??ٽس آهن جڏهن ته1200 ميگاواٽ جو هڪ ٻيو نيوڪليئر پاور ??لا??ٽ تعمير هيٺ ??هي. بيان موجب پاڪستان ايجنسي جي فني تعاون جي پروگرام ۽ تعاون جي فريم ورڪ جي ذريعي انٽرنيشنل ا??امڪ انرجي ايجنسي جيميمبر ملڪن سان ائٽمي توانائي جي پرامن ??ستعمال ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري ڪرڻ جي لاءِ پرعزم ??هي. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان کي نيوڪليئر سيفٽي جي ڪنوينشن (سي اين ايس) جي ڏهين جائزه اجلاس جي لاءِ پڻ صدر چونڊيو ويو هو.