اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پيرس اولمپڪس 2024ع ۾ مردن جي جيولين ٿرو ۾ شاندار ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد ن??يم کي هلال امتياز جي اعزاز سان نوازيندي سندس لاءِ پنهنجي پا??ان 10 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڊومنٽ فنڊ ۾ 250 ملين رپين جو حصو وجهڻ لاءِ چوندس. صدر اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد ن??يم کي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار خصوصي تقريب ۾ هلال امتياز جو اعزاز عطا ڪيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزيرن، پا??ليامينٽ ميمبرن، غيرملڪي سفيرن، مختلف راندين سان واڳيل رانديگرن، اڳوڻي اولمپيئنز ۽ آفيشلز ۽ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري سان ارشد ن??يم ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي ارشد ن??يم جو ڪوچ سلمان اقبال بٽ، بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري نديم ارشد ڪياني، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان اسپورٽس بورڊ محمد ياسر پيرزاده ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته ا??شد ن??يم اولمپڪ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو مقام فخر سان بلند ڪيو آهي، هن ارشد ن??يم جي شاندار ڪاميابي، مسلسل محنت ۽ لگن کي ساراهيو. ارشد ن??يم کي مبارڪباد ڏيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ا??شد ن??يم 92.97 ميٽر ٿرو ڪري اولمپڪ رڪارڊ ٺاهي ملڪ جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. صدر سندس شاندار ڪاميابي، محنت ۽ لگن کي ساراهيو جنهن نه رڳو پاڪستان جو نالو بلند ڪيو پر سڄي ملڪ جي لاتعداد نوجوان رانديگرن کي پڻ متاثر ڪيو. صدر پاڪستان ۾ ٻين راندين خاص طور تي سنگلز کي فروغ ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته راندين جي ٻارن کي اسڪالرشپ ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته رانديگرن جي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انڊومنٽ فنڊ ۾ 250 ملين رپين جو حصو وجهڻ لاءِ چوندس. هن چيو ته ا??شد ن??يم نوجوانن کي رڪاوٽون عبور ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي راندين جي ميدان ۾ سڃاڻپ ٺاهڻ جو حوصلو ڏنو آهي، اميد آهي ته ا??شد ن??يم مستقبل ۾ به ملڪ جو نالو روشن ڪندو رهندو. اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد ن??يم هلال امتياز جو ايوارڊ ڏيڻ ??ي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي هن جيولين ٿرو ايونٽ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن پنهنجي خاندان ۽ قوم جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن تي پڻ ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري ارشد ن??يم جي ڪاميابي ۾ رهنمائي تي ڪوچ سلمان اقبال بٽ جي خدمتن کي پڻ ساراهيو.