اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي خلاف آپ??يشنز دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت س?? ڪارروا??ن دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.