اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لا??ِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ??ن راضپي جو اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن ??و اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ا??س ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ واپار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ا??س ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي ??يو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لا??ِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لا??ِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي ??هٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي تربيت لا??ِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.