اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري چيو آهي ته ڪڻڪ جي مناسب قيمت، وقت سر قدمن ۽ خريداري جو عمل هموار بڻ??ئڻ ضروري آهي، آبادگارن جي حوصلا افزائي سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌ??ئڻ ۾ مدد ملندي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسب قيمت، بارداڻو حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??صف علي زرداري جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي خريداري سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزارت ۽ پاسڪو جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ??صف علي زرداري چيو ته آبادگارن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي اٽڪل 65 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي ??لا??قن ۾ رهي ٿي، آبادگارن کي ڪڻڪ جي مناسبقيمت جي فراهمي سان ڳوٺاڻي معيشت ??ي فروغ ملندو. هن چيو ته غذائي تحفظ، مستقبل جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻا پوندا، ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي جديد سهولتن جي تعمير جي لاءِ نجي شعبي کي آسان قرض ڏنا وڃن، وقت سر پاليسي قدمن، مستقبل جي ضرورتن جي صحيح اڳڪٿي جي لاءِ اعتماد جوڳي ڊيٽا جي دستيابي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صدر پاران زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جي تجويز پن پيش ڪئي وئي.