اسلام آباد -11 جون (اي پي پي)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024?? تائين 6 س??ٽلائيٽ ٽي وي لائسنس، 2 ايف ايم لائسنس ۽ 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا، مارچ 2024?? تائين جاري ڪيل سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جو انگ 140، ايف ايم لائسنس جو انگ 239 ۽ ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ??ي ويو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي 24-2023ع ??وج?? پيمرا طرفان جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024?? تائين هڪ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جو سيٽلائيٽ ٽي وي لائسنس جاري ڪيو ويو، اهڙي طرح ٻه لائسنس انٽرٽينمينٽ جي ڪيٽيگري ۾، هڪ علائقائي ٻولي ۽ هڪ تعليمي چئنل ۽ هڪ نان ڪمرشل تعليمي چئنل جي ڪيٽيگري ۾ جاري ڪيا ويا. مارچ 2024?? تائين ڪمرشل ڪيٽيگري ۾ هڪ ايف ايم چئنل جو لائسنس جاري ڪيو جنهن کانپوءِ ايف ايم ريڊيو لائسنس جو انگ 239 ??ي ويو. پيمرا جولاءِ 2023ع کان مارچ 2024?? تائين مجموعي طور تي 39 ڪيبل ٽي وي لائسنس جاري ڪيا جن کانپوءِ مارچ 2024ع مجموعي طور تي جاري ٿيل ڪيبل ٽي وي لائسنس جو انگ 3775 ??ي ويو آهي. اهڙي طرح مارچ 2024ع مجموعي طور موبائيل ٽي وي جا 4، انٽرنيٽ پروٽوڪول جا 26، ڊائريڪٽ ٽو هوم (ڊي ٽي ايڇ) جو هڪ، ٽيلي پورٽ جو هڪ ۽ ٽيلي ويزن ريٽنگ پوائنٽ ڪمپنيز کي 3 لائسنس جاري ڪيا. پيمرا جي آمدني جو بنيادي ذريعو لائسنس جاري ڪرڻ وقت لائسنس وٺندڙن کان ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي ۽ ان جي تجديد ۽ فيس يا ڏنڊ جي وصولي تي ٻڌل آهي. مالي سال 24-2023ع ۾ جولاءِ کان مارچ دوران پيمرا مالي سال 2023ع ۾ 19 لک 63 ه??ار روپين جي ڀيٽ ۾ 27 لک 50 ه??ار روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جيڪي 40 سيڪڙو اضافي کي ظاهر ڪري ٿو.