اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ل??ءِ چين جي سروس گروپ سان جوائنٽ وينچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. واپار وار واري وزارت پاران ??ار?? پڌرائي موجب بيجنگ ۾ چيئرمين چائنيز گروپ آف ڪمپنيز لي ڪوانگ سان وفاقي وزيرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ??ه ملڪي ۽ غيرملڪي انويسٽرز جي ل??ءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائي رهيا آهي??ن، ايز آف ڊوئنگ بزنس ۽ ”ون اسٽاپ شاپ“ جهڙا منفرد فيچرز پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ??ه سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي جي ل??ءِ پاڪستان بزنس پورٽل تي تيزي سان ڪم ??ار?? آهي. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چيو ??ه انويسٽمينٽ ۾ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آن لائين سهولتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سيڙپڪاري جي ل??ءِ خصوصي مراعتون ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. بيجنگ ۾ ڪاروباري گروپس جي سربراهن سان ملاقات جي موقعي تي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ??ه پاڪستان چين سان ٻطرفي واپاري سرگرمين جي فروغ جو خواهشمند آهي ۽ تازي چين جي دوري جا سيڙپڪاري تي مثبت اثر پوندا.