اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ – اردن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار پاڪستان ۾ اردن جي سفير ڊاڪٽر معين خراست سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اردن جي سفير صدر کي 11 جون تي اردن ۾ غزه بابت انساني امداد تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. صدر سفير کي اردن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ پاڪستان پ??ران شرڪت جي خاطري ڪرائي. اردن جي سفير ان م??قع?? تي چيو ته اردن فلسطين ۾ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ اخوت فائونڊيشن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. صدر فلسطين ۾ امداد پهچائڻ ۾ اردن جي ڪوششن کي ساراهيو. سفير صدر آصف علي زرداري کي اردن شاهه پاران صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام پهچايو.