اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري شهر اچڻ تي ازبڪ پرڏيهي وزير جو شان??ار استق??ال ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استق??ال ڪيو. دوري دوران ??رڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان ??لاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ رابطن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.