اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چنڊ تي پاڪستان جو پهريون سيٽ??ائ??ٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدا??، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آه??، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽ??ائ??ٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽ??ائ??ٽ خلا ۾ پاڪستان جو پهريون قدم آهي، ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدا??، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيا آهن. وز??راعظم چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي پاڪ چين دوستي خوشبوئن جي سرحد کان اڳتي نڪري اڄ خ??ائ?? جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پاڪستان جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قابليت جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي سيٽ??ائ??ٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيتن کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي لا??ِ نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان جي فرزندن ثابت ڪيو ته اهي خ??ائ?? کي به فتح ڪرڻ جي صلاحيت، ??ذب?? ۽ مهارت رکن ٿا، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع وانگر خ??ائ?? ۽ معاشي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن چيو ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پاڪستان به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هنرمندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پوري ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وٺي وڃون ته جيئن پاڪستان ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان اڳتي هجي.