اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سعودي عرب جو ايترو ڪامياب دورو نه ڏٺو ويو، سعودي ولي عهد جي هدايت تي سعودي وز??رن پاڪستان جي مختلف شعبن جي اندر سيڙپڪاري جو جامع پروگرام جوڙيو، ورلڊ اڪنامڪ فورم تي غزه جي حوالي سان وز??راعظم جي موقف کي ڀرپور پذيرائي ملي، سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه ۽ افواهن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو، ڊيجيٽل حقن جو تحفظ ضروري آهي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سعودي عرب جو ايترو ڪامياب دورو نه ڏٺو ويو، سعودي وز??رن ۽ اهم شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ 12 اعليٰ سطحي اجلاس ??يا?? سمورين شخصيتن پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفاقي وز??ر چيو ته هڪ مهيني جي اندر وز??راعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ٻه ڀيرا ملاقات ٿي، وز??راعظم جي گذريل دوري کانپوءِ گڏيل پڌرنامو پڻ جاري ٿيو، عيد جي فوري پوءِ سعودي ناڻي وارو وز??ر لاڳاپيل وز??رن سان گڏ پاڪستان آيو ۽ پاڪستان ۾ سع??وي سيڙپڪاري جي حوالي سان تمام گهڻي اڳڀرائي ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته وز??راعظم جي سعودي عرب جي تازي دوري کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري شخصيتن جو هڪ وڏو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد جي هدايت تي سعودي وز??رن پاڪستان جي اندر توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات سميت مختلف شعبن جي اندر جامع پروگرام جوڙيو آهي، اها پاڪ سعودي لاڳاپن ۾ هڪ نئين شروعات آهي، هڪ مهيني جي گهٽ عرصي ۾ سعودي اعليٰ سطحي وفدن جو پاڪستان اچڻ مثبت قدم آهي، سعودي ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي حوالي سان وز??راعظم جي هدايت تي ڀرپور تياري ڪئي پئي وڃي. وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ غزه جي حوالي سان وز??راعظم شهباز شريف جي موقف کي ڀرپور پذيرائي ملي، وز??راعظم غزه ۾ امن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جو تسلسل جلد نظر ا??ندو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز ۽ منفي پروپئگنڊه جي حوالي سان مهم ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. هن چيو ته آن لائين هراسمنٽ جي تدارڪ جي لاءِ عوام مخصوص اٿارٽي جو مطالبو ڪري رهي آهي، آن لائين سميت هر قسم جي هراسمنٽ جو خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته هن وقت ڪا اهڙي اٿارٽي موجود نه آهي جيڪا ڊيجيٽل حقن جو تحفظ ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته معيشت جي حوالي سان بي بنياد، غلط پوسٽن ۽ ٽوئيٽس سان معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته موجدوه حڪومت جي اچڻ کانپوءِ عالمي مالياتي رسالن ۾ پاڪستان جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن. هر ا??ٽرنيشنل رپورٽ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ معيشت جي استحڪام بابت ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس جي تحفظ جي لاءِ ڪم ضروري آهي ۽ بطور پاڪستاني اسان سڀني جي ذميواري آهي، ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه ۽ افواهن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس جي تحفظ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم تازو ئي پاسڪو تحت ڪڻڪ جي خريداري جي هدف کي وڌايو آهي، آبادگارن جي آساني جي لاءِ گڏجاڻيُون پڻ جاري آهن. هن چيو ته اسان جي ڳوٺاڻي معيشت ۾ آبادگارن جو تمام وڏو حصو آهي، انهن جي حق تلفي نه ٿيڻ گهرجي.