اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اڊيالا مان ملڪ دشمني جي گائيڊ لائين وٺي رهيا آهن، ڪنهن کي پاڪستان تي تنقيد ۽ پرڏيهي پاليسي تي حملي آور ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻ عمران خان جو شيوو رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? هو هائوس جو ڌيان پاڪستان جي مفاد ۾ سان واڳيل پاليسي جي محاذ طرف ڇڪرائڻ چاهي ٿو. پرڏيهي پاليسي هڪ حساس موضوع آ??ي، گذريل ڏينهن صدر جي خطاب دوران جيڪو هن ايوان ۾ ٿيو، افسوسناڪ هو، ماضي ۾ هن هائوس جي روايت رهي آهي ته اپوزيشن پاران علامتي احتجاج ڪيو ويندو هو ان کانپوءِ ايوان ۾ ويهي تقرير ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه گيلريز ۾ غير??لڪ?? سفارتڪار به موجود هئا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ايوان جي اندر باجا وڄايا ويا، اپوزيشن ايوان جي اندر غلط روايتون وجهي رهي آ??ي، ماضي ۾ اهڙي طرح ايوان جو ماحول ڪڏهن خراب نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? جڏهن به دوست ??لڪ?? پاران پاڪستان جي دوري تي وفد اچن ٿا يا سيڙپڪاري جي حوالي سان ڪو اشارو ڏنو وڃي ٿو ت?? مُخالف ڌر پاران پاڪستان جي دوست ??لڪ?? جي حوالي سان مختلف قسم جا بيان سامهون اچن ٿا. پي ي آءِ جي هڪ ميمبر پاران هڪ بيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ان جي پنهنجي ئي پارٽي ان جي ترديد ڪري ٿي. هن چيو ت?? جيڪڏهن توهان کي تنقيد ڪرڻي آهي ته منهنجي ذات تي ڪريو، منهنجي پارٽي تي ڪريو، اسان جي هڪ هڪ ميمبر تي ڪريو، پر پاڪستان تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? پي ٽي آءِ اڳ ۾ به آمريڪي سازش جو بيانيو ٺاهيو ۽ چيو ت?? اسان ڪو غلام آهيون، آمريڪي سازش جي نتيجي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي آ??ي، ان کانپوءِ انهي بيانيي تي هن يوٽرن ورتو. وفاقي وزير چيو ت?? انهن جي ليڊر جو شيوو رهيو آهي ته پرڏيهي پاليسي سان کيڏڻو آ??ي، سڀني کي اها آڊيو ياد هوندي جنهن ۾ هن چيو هو ت?? اسان ان بيانيي سان کيڏڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ت?? پي ٽي آءِ سائفر سان کيڏي پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي رابطي ڪاري ۽ رابطي جي ڳجهي نظام کي خطري ۾ وڌو، سائفر هڪ ڳجهو دستاويز هوندو آ??ي، ان جو هڪ تقدس هوندو آ??ي، هن پوري ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڪميونيڪشن نظام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ت?? پاڪستان جي دوست ??لڪ?? جي خلاف بي بنياد الزام هنيا، هي اڳ ۾ اهڙي طرح جا بيان ڏيارين ٿا ۽ ان کانپوءِ ان جا ترجمان انهن جي ترديد ڪن ٿا. هن چيو ت?? ڪهڙي ضرورت پيش اچي ته پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ تان ترديد ڪئي وڃي ته اسان جي فاضل ميمبر ڪنهن دوست ملڪ بابت جيڪا ڳالهه ڪئي هئي اها غلط هئي. هن چيو ت?? پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آ??ي، معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن، بلومبرگ، يو اين ڊي پي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي مالياتي ادارا تسليم ڪري رهيا اهن ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آ??ي، ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آ??ي، ملڪ ۾ مهانگائي جو خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ت?? اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته هن هائوس جي اندر دوست ??لڪ?? جي حوالي سان گڏيل قرارداد آندي وڃي. هن چيو ت?? پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ملڪ دشمني جي ذريعي ملڪ کي جيڪو نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها انهن جي ليڊر جي هدايت تي ڪئي پئي وڃي، انهن کي اڊيالا کان آرڊر اچي ٿو ت?? ڪنهن به دوست ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪريو، ان کانپوءِ اهي پاڻ ان جي ترديد ڪرائين ٿا، پرڏيهي پاليسي تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ، ان کي نقصان پهچائڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ت?? اڊيالا جيل ۾ ويهي اهي ملڪ دشمن بيانيو هلي رهيو آهي جنهن تحت 9 مئي تي ??لڪ?? دفاع تي حملا ڪيا هئا ۽ هاڻي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي قطعي طور تي اجازت نه ڏني ويندي، هي ملڪ سڀ کان مٿاهُون آهي ۽ سياسي پارٽيون ان کانپوءِ اچن ٿيون.