اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان پڻ وز??راعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عيد جي موقعي تي فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي لاءِ پڻ دعا ڪئي.