داسو – 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي هر ممڪن تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪند?? چيو آهي ته چيني دوست پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين، بشام واقعي جي پٺيان پاڪستان جي دشمنن جو هٿ آهي، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام واقعي جي ڏس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ا??جنيئرز ۽ ماهرن سان تعزيت ۽ يڪجهتي ??ي اظهار لاءِ داسو جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني، چيني سفير جيانگ زائيڊونگ، چيني ڪمپني جا ميمبر ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بشام واقعي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ چيني ا??جنيئرز جي ياد ۾ 30 سيڪنڊ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي ت?? چيني ا??جنيئرن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي. 26 مارچ تي بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ت?? چيني ا??جنيئرز ۽ ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن ۾ 5 چيني ا??جنيئرز ۽ هڪ پاڪستاني فوت ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته بشام واقعو دهشتگردن جو بزدلاڻو فعل هو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي غيرمعمولي دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، اهو فعل پاڪستان جي دشمنن جو آهي. اسان جا دشمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن مستحڪم ۽ وسيع ٿيندڙ دوستي کي متاثر جي لاءِ ڪو به موقعو هٿ مان وڃائڻ نه ٿا ڏين ته جيئن چين ۽ پاڪستان جهڙن آئرن برادرز جي دوستي ۾ رڪاوٽ وجهي سگهجي. هن چيو ته هو هتي موجود چيني شهرين جي چهرن تي پنهنجي ساٿين جي جدائي ڏک ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته هو يقين ڪرائي ٿو ته پاڪستان حڪومت هتي ڪم ڪندڙ چيني شهرين ۽ انهن جي خاندانن جي سيڪيورٽي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن اڳتي ا??ڙي قسم جا واقعا نه ٿين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني هڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته ان واقعي جي فوري پوءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ حڪومت ۽ عوام پاران چيني صدر ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنج?? چيني ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي ا??صاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ انهن کي ا??ڙي سزا ڏني ويندي جيڪا هڪ مثال هوندي ۽ ڪير به مستقبل ۾ اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. هن چيو ته ان واقعي جي جاچ جي لاءِ ??ي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي سفارشن تي اسان بنا وقت ضايع ڪرڻ ??ي ان جي روح موجب ڪارروائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي اجلاس پڻ طلب ڪيو جنهن ۾ ان صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ صوبن سان بهتر رابطن ۽ اضافي گهربل سيڪيورٽي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جنهن ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ سيڪيورٽي ا??ٽيلي جنس جي سربراهن کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻيو اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيندو. داسو سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي جلد ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کي ا??نچي ۽ سمنڊن کان گهري ۽ دنيا ۾ مضبوط کان مضبوط تر آهي. اها دوستي ا??هي عزم سان اڳتي وڌندي ۽ ان دوستي، سي پيڪ ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي دشمنن کي شڪست ٿيندي. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ڳالهائيند?? چيو ته حملي جي فوري پوءِ وزيراعظم يڪجهتي ??ي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. وزيراعظم چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي مصروفيتن جي باوجود چيني ا??جنيئرز سان يڪجهتي ??ي اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃون ٿا. چيني سفير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي. اميد آ??ي ته پاڪستاني حڪومت دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.