برسلز – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ۾ نيوڪليئر انرجي سمٽ 2024ع جي موقعي تي آذربائيج??ن جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ائ??مي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي زراعت ۽ انساني صحت سميت سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيج??ن جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو عزم ڪيو. هنن ائ??مي توانائي جي استعمال جي ذريعي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان زراعت سميت ائ??مي ايپلي ڪيشنز ۾ ڪاميابي سان تعاون ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان سان ائ??مي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال ۾ تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري کان آگاهه ڪيو.