اسلام آباد – 15 – ف??بر??ري (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيارن جي ??نٽ??ول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ استحڪام تي پاڪستان ۽ روس جي مشاورتي گروپ جو 14 هون دور 7 ف??بر??ري تي ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آرمز ??نٽ??ول ۽ هٿيارن جي خاتمي) محمد ڪامران اختر ۽ روسي نائب پرڏيهي وزير ايس اي ريا بڪوف ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين عالمي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ هٿيارن جي ??نٽ??ول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته حياتياتي، خلائي ۽ معلوماتي تحفظ سان گڏوگڏ نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز بشمول مصنوعي ذهانت جي فوجي استعمال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.