ڪراچي – 19 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ب??گم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته فل??رل ??رٽ رڳو هڪ مشغلو نه آهي پر اهو ٿراپي جو هڪ قسم آهي جيڪو اسان جي مجموعي ذهني صحت جي لاءِ فائديمند آهي. اها ڳالهه هن مسقط عمان ۾ منعقد پ??ڪستان بابت بلوم عمان ۾ انعام کٽيندڙ فل??رل ??رٽ سوسائٽي آف پاڪستان (ايف اي ايس پي) جي ميمبرن ۾ ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاتون اول چيو ته باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ، پريشاني ۽ ڊپريشن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏي ٿي. هن چيو ته اسان اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان نه رڳو پنهنجي ماحو?? کي صاف ڪريون پر اهڙين سرگرمين کي پڻ فروغ ڏيون جيڪي اسان جي ذهني صحت تي مثبت اثر ڇڏين ٿا. هن چيو ته فل??رل ??رٽ جون تقريبون باقاعدگي سان منعقد ڪري اسان نه رڳو پنهنجي ڀرپاسي جي ماحو?? کي خوبصورت بڻائي سگهون ٿا پر پنهنجي نوجوان نس?? کي به اهڙين صحتمند سرگرمين ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏئي سگهون ٿا. هن چيو ته فل??رل ??رٽ ۽ ٻوٽن جي ثقافت نه رڳو اسان جي عوامي جاين کي خوبصورت بڻائي ٿي پر اسان جي زندگين ۾ رنگ ڀري ٿي. ثمينه عارف علوي بلوم عمان مقابلي ۾ پاڪستان جي لاءِ 11 انعام کٽڻ تي ايف اي ايس پي کي مبارڪباد ڏني. هن تقريب جي شرڪت تي ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد سُڃاڻپ جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ثمينه عارف علوي چيو ته گذريل 5 سالن دوران ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جا مثبت نتيجا نڪتا آهن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي حقن ۽ ذهني صحت بابت شعور اجاگر ڪن. ان موقعي تي خاتون اول ب??وم عمان ۾ پاڪستان جي لاءِ انعام کٽيندڙ ايف اي ايس پي جي ميمبرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.