دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ج?? لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپ?? سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات ج?? صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپ?? سٽي اچڻ تي نگران وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگران وزيراعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگران وزيراعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وزيراعظمن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگران وزيراعظم زيد سسٽين ايبلٽي ??يو??رڊ جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر ??مش??د اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي ??ه ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.