اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته منشيات ??روش اسان جي نوجوان نسل ۽ پاڪستان جي مستقبل جي تباهي چاهين ٿا، انهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظ?? چيو ته گهرو وزارت، اسلام آباد انتظاميا ۽ آءِ جي اسلام آباد سان گڏ اجلاس ٿيو آهي. هن چيو ته منشيات ??روش اسان جي نوجوان نسل ۽ پاڪستان جي مستقبل جي تباهي چاهين ٿا، انهن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي تعليمي ادارن ۾ نشي جي ڪاروبار جي خاتمي لاءِ ذاتي طور تي نگراني ڪندو.