اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي ??ي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي ت??اون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل ??ائ??ي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوندو، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مر??زي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪمشنر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقرري تي کيس مبارڪباد ڏني.