اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آ??ي، ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سي??يٽ جي اجلاس ۾ سي??يٽر ثمينه ممتاز زهري جي ملڪ ۾ بي بي فارمولا کير ۽ ان سان لاڳاپيل مصنوعات جي پيداوار ۽ وڪري کي جامع ڪرڻ ۽ نوجوان مائرن ۾ ان جي محفوظ استعمال بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ذيلي اداري پي ايس ڪيو سي اي جو ڪم درآمدي کير جي معي??ر کي چيڪ ڪرڻ آ??ي، کير ٺاهيندڙ ادارن جا پنهنجا قاعدا ۽ ضابطا آهن، حقيقت ۾ پاڪستان ۾ فارمولا کير تمام گهٽ پئماني تي تيار ڪيو وڃي ٿو، اسان درآمدي کير تي ٽي ڪروڙ 40 لک ڊالر خرچ ڪريون ٿا، 1500 ٽن فارمولا م??ڪ درآمد ڪريون ٿا، ڪجهه حالتن ۾ ماءُ اهو کير نٿي پياري سگ??ي، ڪيترين ئي صورتن ۾ ٻارن کي فارمولا کير پيارڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي هوندو، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سگريٽ سميت صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جي گهڻائي آ??ي، اسان جو مُلڪ کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آ??ي، معاشري ۾ ماءُ جو کير پيارڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ رٿ تي سي??يٽر ڊاڪٽر مهر تاج روغاني، سي??يٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور، سي??يٽر فوزيه ارشد ۽ سي??يٽر علي ظفر پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.