اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳ??ڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اڄ هڪ عظيم دوست کان محروم ٿي ويو، لي ڪي چيانگ پاڪ چين اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي چيانگ هڪ ويزنري اڳواڻ هو. ايوان ??در جي پريس ??نگ موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳ??ڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو، پاڪستاني عوام پاران لي ڪي چيانگ جي خاندان، چيني عوام ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ڪ??يا?? ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنجي يڪجهتي جي دوري دوران مون کي بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي چيانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدابهار دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.