اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي، ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا تنظيمن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظها?? هن اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد عاصم کچي به موجو?? هُئا. نگران وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ اي پي اين ايس، سي پي اين اي اخب??ري صنعت جي مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ميڊيا جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن. نگران وزيراعظم چيو ته ميڊيا رياست جو وڏو ۽ اهم ٿنڀ آهي، حڪومت اظهار جي آزادي تي مڪمل يقين رکي ٿي. ميڊيا تنظيمن سان ملاقاتن جو سلسلو ج??ري رهندو ۽ انهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.