اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملد??آم?? ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ??ها??ي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪارو ??ها??و اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي انساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هر سال ڪارو ڏينهن ان لاءِ ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي عملد??آم?? جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ڏيا??جي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.