بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ?? سيڙپڪ??ري جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ين جي دوري دوران من ميٽلز جي چيئرمين وينگ زو ليانگ ۽ ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن آف چائنا جي چيئرمين چن جيانوانگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ?? سيڙپڪ??ري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي ڪمپ??ين پاڪستان ?? سيڙپڪ??ري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن کي خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت ”هول آف دي گورنمينٽ اپروچ“ جي تحت پاڪستان ?? سيڙپڪ??ري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.