اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته شاگردن کي مارڪيٽ ج?? ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يونيورسٽين کي آن لائين تعليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ ج?? ڇهين اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ ج?? ميمبرن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي ??يو ته ملڪي يونيورسٽين جي معاملن تي وقت سر فيصلاسازي جي لاءِ سينيٽ اجلاس باقاعدگي سان ۽ وقت سر منعقد ڪيا وڃن، سمورين يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل ??زارتن کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وقت سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يونيورسٽين کي ??نت??امي ۽ تدريسي جاين تي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وقت تي شروع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ ج?? ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شروع ڪن، يونيورسٽين ۾ نئين شعبن ۾ درس ۽ تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ ج?? ضرورتن جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگردن کي مارڪيٽ ج?? ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، يونيورسٽيون معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جو سهارو وٺن. اهڙي طرح يونيورسٽيون آمدني وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مالي، ??نت??امي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل ??عاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.