اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ سان معيشت جي بحاليءَ جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي نظام کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازي کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بڻائڻو پوندو، معيشت ??ي دستاويزي بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت ۽ شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ڪوبه ملڪ ڪرنسيءَ سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏي. هوءَ سڌ سماءَ و??ري وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ وفاقي وزير محمد علي ۽ ٻين سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر عاصم کچي به موجود هو. ناڻي و??ري وزير چيو ته نگران حڪومت کي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن پر اسان انهن کان گهٻرائي نه رهيا آهيون بلڪ هڪ هڪ ان چئلينجن ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش ۽ طريقيڪار اهو آهي ته انهن مسئلن کي دانشمنداڻي ۽ احسن انداز ۾ حل ڪري سگهجي. اسان جي ڪوشش آهي ته خرچن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ان ۾ گهٽتائي ??ندي وڃي، جڏهن ته محصولن ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا وڃن. خرچن ۾ گهٽتائي ۽ محصولن ۾ واڌ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. ناڻي و??ري وزير چيو ته معيشت جي اهڃاڻن ۾ بهتري اچي رهي آهي، معاشي اهڃاڻن سان معيشت جي بحاليءَ جا اشارا ملي رهيا آهن. صارفي?? لاءِ قيمتن جا حساس اهڃاڻ مئي ??ي 38 سيڪڙو جي شرح سان گهٽ ٿي 26.2 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي، ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته اسان مشڪلاتن مان نڪري رهيا آهيون ۽ قيمتن ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيداو??ري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، اسان کي اميد آهي ته زراعت جي شعبي ۾ ننڍين ۽ وڏين فصلن جي سٺي پيداوار ايندي ۽ اسان جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا، ان سان مجموعي معيشت تي اثر پوندا. اهڙيءَ طرح سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آئي ??هي. خدمتن جو شعبو متحرڪ آهي ۽ هي شعبو ڪيترن ئي ٻين شعبن سان ڳنڍيل آهي. ناڻي و??ري وزير چيو ته مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي برقرار رکيو آهي، ان سان بهتري ايندي. قرض وٺڻ جي لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ صنعتن کي رليف ملندو. ناڻي و??ري وزير چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ سان مختلف منصوبن کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان عالمي بئنڪ سان مختلف منصوب?? لاءِ 2 ار?? ڊالرن جي معاونت ملندي. اهڙيءَ طرح ايشيائي ??رقياتي بئنڪ رائز پروگرام کي فاسٽ ٽريڪ تي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ناڻي و??ري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبن تي توجهه ڏني وڃي جن سان ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي، اسان سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن جا هاڪ??ري نتيجا حاصل ٿيندا. ناڻي و??ري نگران وزير چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم آهن، حڪومت ايڪسچينج ڪمپنين ۾ سڌارا ڪيا آهن جڏهن ته اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ به سڄي ملڪ ۾ قدم ج??ري آهن ان سان رپئي ??ي قدر ۾ بهتري آئي ??هي. هن چيو ته حڪومت بئنڪنگ ذريعي سان مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا حاصل ڪرڻ لاءِ 80 ار?? رپين مان 20 ار?? رپيا اڄ ج??ري ڪيا آهن. ايڪسپورٽ اينڊ امپورٽ بئنڪ کي آپريشنلائز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم ڊيوٽيءَ ۾ گهٽتائي ??ئي ??هي جڏهن ته ايف بي آر ج??ري مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پنهنجي هدف کان وڌيڪ محصول گڏ ڪيا آهن اان جي صنعت لاءِ آمدني پيداوار ضروري آهي، ا?? لاءِ ان تي وڌيڪ ٽيڪس نٿا لڳايون. هن چيو ته روينيو جا مسئلا ڍانچي جاتي آهن، ٽيڪس گذارن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ضروري آهي، ايف بي آر ۾ ان حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف آهن اهي مڪمل ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته ٽيڪس جي نظام کي هڪ ڌ??ري ۾ آندو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪرنسيءَ جي قدر لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن ان ۾ ايڪسچينج ڪمپني?? لاءِ ضابطه جاتي قاعدن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي. ان سان مٽاسٽا جي ناڻي جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي لاءِ قدمن جو سلسلو ج??ري آهي ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ ڪرنسي سان کيڏڻ جي اجازت نٿو ڏئي ??گهي. خصوصي سيڙپڪ??ري سهولت ڪائونسل بابت سوال تي هن چيو ته ڪائونسل تحت سمورا لاڳاپيل شراڪتدار مشاورت شفافيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن تي توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته 18هين ترميم تحت وسيلن جي منتقلي صوبن کي ٿي آهي سنڌ حڪومت سان وسيلن جي ورڇ ۾ ڪا زيادتي نه ٿي آهي. آءِ ايم ايف تحت اسان کي سيڙپڪ??ري خرچن کي شفاف رکڻو آهي، اسان جو بنيادي مقصد خس??ري ۾ گهٽتائي ??ڻڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس جي ڍانچن ۾ تضاد آهي، اسان جي ٽيڪس جو بنياد تمام گهٽ آهي، اسان زراعت تي ٽيڪس لاڳو نٿا ڪري سگهون، اهڙيءَ طرح ريئل اسٽيٽ ۽ ريئل سيڪٽر تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، اسان کي ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ لاءِ قانونسازيءَ کان علاوه ايف بي آر کي مضبوط بنائڻو پوندو. معيشت ??ي دستاويزي بنائڻ وقت جي ضرورت آهي، اسان جو طريقيڪار اهو رهيو آهي ته اسان ان ماڻهن تي ٽيڪس لاڳو ڪندا اچي رهيا آهيون جيڪي اڳ ئي ٽيڪس ڏيندا آهن، ان حوالي سان نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ تمام ضروري آهي.