اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ??اڪ??ر عارف علوي نگران وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزير، سياستد??ن، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ??مايان شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ??اڪ??ر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ??اڪ??ر عمر سيف، انيق احمد، ??اڪ??ر نديم ج??ن، ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم?? شاهد اشرف تارڙ، خليل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.