اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ??حتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آه?? ته بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آه??، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئنيجر جي ذميواري آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي ??حتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رقم صارف کي منافعي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ برانچ ۾ ايماندار بئنڪ عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آه??. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپين جي رقم فراڊ ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيحن جي حوالي سان ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ذميواري اهي نه وري اها شهرين جي ذميواري آه??، بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آه??، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪامي صارفين جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آه??. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان پهتو، عملدار پاران بئنڪ برانچ جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آه??. هن چيو ته بئنڪ ان رقم جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگ??ي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏينهن جي اندر وفاقي ??حتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.