اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آ??ي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 60 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ۾ مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز کي هڪ ان??رو??و ۾ ڪيو. ان سوال تي ته ڇا ايس آئي ايف سي جي ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 60 بلين ڊالر تائين جي سيڙپڪاري ڪرڻ جون رپورٽون حقيقت پسنداڻيون آهن، نگران وزيرا??ظم چيو ته واقعي ائ??ن ئي آهي، بلڪه اها شايد ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي غيرملڪي سيڙپڪارن جي ڪنهن به قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ”ون ونڊو آ??ريشن“ جي طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيرا??ظم چيو ته ٻن يا ٽن شعبن تي اڳ ۾ ئي ڌيان مرڪوز آهي، جن مان هڪ ڊالرز جي منتقلي آهي جيڪو ڪنهن به غيرملڪي سڌوسنئون سيڙپڪاري اداري جو مطالبو آ??ي، اهو بيمه شده ۽ قانوني طور تي محفوظ آهي. نگران وزيرا??ظم چيو ته بيوروڪريٽڪ ڳاڙهي ڦيٿي جي مسئلي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آ??ي، ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تي ون ونڊو جو موقعو بنيادي طور تي ان مقصد جي لاءِ تيار ڪيو ويو آ??ي ته اسان کي انهن سمورين بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن جي اندر ٻاهرئين ملڪ مان ڪنهن به سيڙپڪاري جي اجازت ڏيڻ جي پوري عمل کي مُناسب بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي پليٽ فارم تحت تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي اتفاق ڪيو ويو آ??ي، اهو ڪافي حوصلي جوڳو ۽ سازگار آهي، جيڪو سمورن ٻاهرئين ڌرين جي لاءِ قابل قبول آهي، ان ۾ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي ڌيان ڏنو ويو آ??ي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت کي اميد آهي ته ڊسمبر تائين سعودي عرب مان سون ۽ ٽامي جي کاڻين جي کوٽائي جي دنيا جي سڀ کان وڏي منصوبن مان هڪ ريڪوڊڪ ۾ شيئرز خريد ڪرڻ جي لاءِ هڪ معاهدو ٿي ويندو. نگران وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته اسان سعودي آڇ تي ڪافي پرجوش آهيون ۽ اسان انهن جي شرڪت جي نه رڳو ان منصوبي ۾ پر ٻي صورت ۾ پڻ حوصلا افزائي ڪنداسين. هن چيو ته اهو ڳالهين جو حصو آ??ي، جيڪو ٽنهي ڌرين جي وچ ۾ ٿي رهيو آ??ي ۽ ڏسون ٿا ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو. آگسٽ ۾ پاڪستان اسلام آباد ۾ پنهنجي افتتاحي کاڻين جي کوٽائي ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي عملدارن جي ميزباني ڪئي جتي بيرڪ جا عملدار پڻ موجود هئا. بيرڪ ۽ سعودي عرب جي کاڻين جي کوٽائي ڪندڙ سرڪاري ڪمپني گڏيل طور تي جده ۾ ٽامي جو هڪ پراجيڪٽ هلائين ٿيُون.