انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پاڪستان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي ??در نيل اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تع??ير??تي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ جي ??در وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن ??ي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون ط??رق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪ??ر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.