اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده دور جي چئلينجن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏنو وڃي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي وقت جي اهم ضرورت آهي، مستحق شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. اه??ن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڪ??نو??ڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.