اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشميري هڪ آهن ۽ ڪڏهن جدا نه ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان ??ون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان ??ا احساس گڏيل آهن ۽ اسان گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا واضح طور تي ڏسي سگهي ٿي ته غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ??ار??يت مودي حڪومت هندوتوا جي ناڪامي جي عڪاسي آهي، صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ چيو ته انشاءُ الله ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو. هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ ٽوئيٽ کي ٽيگ ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ??ي يوم دفاع جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ باني پاڪستان قائداعظم م??مد علي جناح رح جي تصوير سان ??ندس فرمان ڇاپيو ويو آهي ته ڪشمير پاڪستان ??ي شهه رڳ آهي.