اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عا??ور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قرباني ج?? ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عا??ور مختلف لحاذن کان وڏي اهميت رکندڙ آهي تنهن هوندي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪريم ۽ بلندي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي اها ڳالهه سمجهائي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ??رڻ ئي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلمانن جي ايمان ۽ يقين?? سچائي ۽ اصول پسندي ج?? روايتن کي ج??ا بخشي ٿو، اهو اسلام جي ابدي پيغام ۽ جذبه قرباني ج?? لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري ج?? سرچشمو به آهي ج??هن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.