اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لبنان جي گادي واري شهر ۾ بيروت ۾ ڌماڪن ۾ وڏي پئماني تي قيمتي جانين جي زيان ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان م??ڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي لبناني ڀائرن سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪريون ٿا ۽ انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ زخمين کي جلد صحتياب ڪري ۽ ڏکويل خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي.