اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي خاص حي??يت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل ب??د ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت آر اي?? اي?? جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪ??تا?? ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ اي??ان جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.