اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حڪومتي فيصلي جا ثمر سڄي ملڪ جي عوام کي پهچائڻ جي لاءِ سمورا صوبائي چيف سيڪريٽري گڏيل حڪمت عملي جوڙين، م??او?? کان پاڪ ۽ خالص شيون ملڻ گڊ گورننس جي لاءِ ضروري آهي، ان ڳالهه تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ج?? وڏي مقدار ۾ فراهمي سان گڏوگڏ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قد?? کنيا وڃن ته جيئن عوام کي مناسب قيمت تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هو ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ قد??ن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.