اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ 631 سمارٽ لاڪ ڊائون موجود آهن، ٽيست، ٽريڪ ۽ ڪوارنٽئين (ٽي ٽي ڪيو) حڪمت ع??لي شروع ڪرڻ کا??پوءِ هيستائين ٽيسٽنگ جي صلاحيت ٻيڻي ??ي وئي آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيدالفطر جي ايس او پي، ڪورونا وائرس ج?? صورتحال، ٽي ٽي ڪيو اپ ڊيٽ ۽ مواصلات جي حڪمت ع??لي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.