اسلام آباد – 13 مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي واپار کي يورپي ??ونين سان جي ايس پلي پلس معاهدي جو فائدو ٿيو آهي، اسان 27 انٽرنيشنل ڪنوينشنز جن ۾ اسان ڌر آهيون، بشمول 6 انساني حقن واريون ڪنوينشنز جيڪي جي ايس پي ??لس معاهدي جو حصو آهن، انهن تحت پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. اها ڳالهه هن ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ايس پي ??لس جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پاڪستان جي لاءِ فائديمند آهن.