پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته قبائلي علائقن ج?? انضمام جو اصل مقصد اتي جي عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن ج??ڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هتي جي عوام کي نظر انداز ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قبائلي علائقن ۾ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ تي ڌ??ان ڏيو جنهن سبب علائقي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ علائقي جي سم??جي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. اهڙن خيالن ج?? اظهار وزيراعظم عمر??ن خان پشاور جي دوري جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.