باڪو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ استحڪام امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهن، ڀ??رتي قدم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق تي سڌو سنئون حملو ??هي، ڪشمير مسئلو پرامن ۽ منصفاڻو حل وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان مسئلي جي ??رامن ۽ سياسي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان پائيدار عالمي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير وابسته تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.