اسلام ??با?? – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي قائم فضا??ي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان وڌيڪ ٻه امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان مجموعي طور تي 41 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما وغيره کڻي پاڪستا?? پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جا هن سنگين بحران جي گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام جي مسلسل حمايت تي ٿورائ??ا آهيون.